غلام قادر ڀٽو

غلام قادر ڀٽو : نامياري سگهڙ غلام قادر ولد محمد عثمان ڀٽي 1930ع ڌاري ميرپور ڀٽي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، جنهن بعد سندس وڏڙا 1946ع واري ٻوڏ ۾ مڪمل طور تي شهر نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ منتقل ٿي آيا. غلام قادر کي ننڍپڻ کان ئي سگھڙن جي ڪچهرين جي ٻڌڻ جو شوق هوندو هو، ويتر جو سندس ڏيٺ ويٺ پنهنجي دور جي هاڪاري سگهڙ فقير محمد بخش شيخ سان ٿي ته سندس صحبت ۾ غلام قادر جي اندر وارو سگهڙ به نڪري نروار ٿيو. هن فقير محمد بخش کي پنهنجو استاد تسليم ڪيو، پر کيس هيمشه سٺي کان سٺي فن جي جسجتو رهي، جنهنڪري پري پري تائين وڃي ناميارن سگهڙن ۽ لوڪ ادب جي ماهرن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن وٽان ڪجھه پرائڻ سندس مشعلو رهندو آيو. هن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگھڙ خاڪل ٻرڙي (جيڪب آباد)، حاجي فقير مهيسر (خيرپور)، ٻيڙي فقير ڪنڀار (حيدرآباد)، ساجن ڪوريجي (کاڻوٺ)، سگھڙ محمد ملوڪ عباسي ۽ ٻين سان سندس ڳوٺن ۾ وڃي، ڪچهريون ڪري ڪافي ڪجھه پرايو آهي. کيس سگھڙ گلبهار ٻرڙي ۽ وريام فقير جي فن ڪافي متاثر ڪيو آهي. سگھڙ غلام قادر ڀٽو ٻيلي کاتي ۾ سرڪاري ملازم آهي ۽ هن وقت نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ غلام قادر ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو